اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) صدر ??مل??ت آصف علي زرداري قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، عوام سانوڻي جي وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ م??ن جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ و??ڪاري مهم تحت ٻوٽا لڳائيندي ڳالهين دوران ڪيو. صدر ??مل??ت بلاول هائوس ڪراچي ۾ سالياني سانوڻي جي وڻڪاري مهم تحت نم جو ٻوٽو لڳايو، 18 آگسٽ پاڪستان ۾ سانوڻي ۾ و?? لڳائڻ جي قومي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. صدر ??مل??ت چيو ته قومي سطح تي ٻيلن جي شرح ۾ واڌ جي ضرورت آهي، عوام موسمياتي تبديلي، عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، نوجوان ۽ سو?? سوسائٽي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۾ مدد ڪن. صدر ??مل??ت چيو ته نم ماحول دوست وڻ آهي جنهن جا بيشمار ماحولياتي فائدا آهن، نم صاف هوا، ٿڌي ڇانوَ کان علاوه قدرتي طور مڇرن کي ڀڄائي ٿو. صدر ??مل??ت چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي وزارت عظميٰ جي حيثيت سان پهرين حڪومتي دور ۾ موسميات جي وزير طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پهرين دور ۾ و?? لڳائڻ جي مهم جي شروعات ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ نم جا وڻ لڳايا ويا. صدر ??مل??ت چيو ته اڄ پاڪستان ۾ و??ندڙ گرمي پد کي نظر ۾ ر??ند?? وڻ لڳائڻ جي ضرورت اڃا وڌيڪ وڌي وئي آهي، قوم خاص ڪري نوجوان ۽ سو?? سوسائٽي سانوڻي جي موسم ۾ و??ڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن. صدر ??مل??ت چيو ته بهتر ماحول لاءِ پنهنجي پاڙن ۽ ڀرپاسي ۾ و?? کان وڌ وڻ لڳائين. صدر ??مل??ت چيو ته سانوڻي جي وڻڪاري مهم ٻيلن ۾ واڌ، ملڪ ۾ ساوڪ وڌائڻ، ماحول کي صحتمند ۽ صاف بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. ٻيلن ۽ ساوڪ ۾ واڌ اس??ن جي ماحول کي اس??ن جي ايندڙ نسلن لاءِ صحت مند ۽ محفوظ بڻائيندا. صدر ??مل??ت چيو ته پاڪستان مينگرووز جي بحالي جو ڪاميابي قدم کنيو آهي، سنڌ ۾ لکين ايڪڙ ايراضي تي مينگرو وز لڳايا ويا آهن، اسان مينگرووز کي وڌائڻ ۽ وڌيڪ وڻ لڳائڻ لاءِ پرعزم طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. صدر ??مل??ت چيو ته معاشري جا سمورا طبقا گرمي پد کي گهٽ ڪرڻ، ساوڪ ۽ ٻيلا وڌائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن.