اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته جرمني سپلائي چين ڊيو ڊيليجنس ايڪٽ جهڙن قدمن ذريعي پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه جرمني جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري وزير سوينجا شولز سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪ??تا?? جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي مصنوعات جو عالمي سطح تي طلب ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ تربيت يافته مزدور موجود آهن. ڄام ڪمال جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي حاصل ڪرڻ ۾ جرمني طرفان پاڪ??تا?? جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جرمن وزير شولز ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل جرمني ۽ پاڪ??تا?? وچ ۾ پراڻي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل سميت ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئي جرمن ڪمپنيون پاڪ??تا?? ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڪاروباري لاڳاپا قائم آهن. جرمن وزير سمورن شعبن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته عورتن ??ي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي. ملاقات ۾ نيشنل ڪمپلائنس سينٽر (اين سي سي) ت?? روشني وڌي، ٻنهي وزيرن واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير جرمن وزير کي واپار واري وزارت ۾ اچڻ تي چ??در جو روايتي تحفو به پيش ڪيو.