ملتان-26 آگسٽ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري چيو آهي ته ايندڙ هڪ سال ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي نظر ايندي. پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي ڏنل 45 ارب رپين ج?? رليف کي شفاف انداز سان صارفين سان پهچائينداسين. اهڙو اظهار هن ميپڪو هيڊ ڪو??رٽ??ز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاملا گڏيل ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ملڪي ۽ عو??مي مفادن مطابق طئي ڪيا ويندا. سردار اويس لغاري جو چوڻ ??و ته ڪيپسٽي ادائگين ج?? مسئلو حل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نجڪاريءَ کان اڳ ڊسڪوز جا معاملا ٺيڪ ڪنداسين. پري پيڊ ميٽرز لڳائڻ، صارفين ج?? مسئلن ج?? حل ۽ پنجاب حڪومت جي بجلي جي بلن ۾ ڏنل رليف کي شفاف انداز سان صارفين تائين پهچائينداسين. سردار اويس لغاري چيو ته وزارت مان سفارش جو ڪلچر ختم ڪيو ويو آهي. ملتان ريجن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌ??ڪ بجلي چوريءَ جون رپورٽون آهن، جنهن ج?? روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ انتظاميه کي فري هينڊ ڏنو ويو آهي، ان ج?? چوڻ ??و ته اسان ج?? هدف آهي ته سمورن ميٽرز کي سمارٽ ميٽرز تي منتقل ڪيو وڃي جنهن ج?? فائدو سنگل ۽ ٿري فيز صارفين کي ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته بجلي صارفين ج?? سهولت ۽ شڪايتن تي فوري ڪارروائيءَ لاءِ هيلپ لائن ج?? نظام کي وڌ??ڪ مؤثر بڻايو پيو وڃي، ان کان اڳ وفاقي وزير ميپڪو جي آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران هيلپ لائن نظام جي بهتري ميپڪو ڪارڪردگي ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي 45 ارب رپين ج?? رليف کي شاندار انداز سان صارفين تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.