اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان گڏيل قومن جي افغانس??ان بابت خاص نمائندي اندريڪا توتي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ڪالهه گهرو وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏيل قومن جو ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ، فدي ايل ۽ افغانس??ان ۾ گڏيل قومن جي مشن جو سربراهه مالڪ سيسي به شامل هو. وفاقي وزير گهرو وزارت پهچڻ تي گڏيل قومن جي وفد جي آجيان ڪئي. افغانس??ان بابت گڏيل قومن جي خاص نمائندي بلوچس??ان ۾ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي ڀرپور مذمت ڪئي. وفاقي وزير وفد سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمگير مسئلو آهي ۽ پاڪس??ان دهشتگرديءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ شهرين جي قربانين جو مثال نٿو ملي. گهرو وزير پاڪس??ان ۾ ٿيل حملن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي ملوث هئڻ جي باري ۾ وفد کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٽي ٽي پي حملن لاءِ افغانس??ان جي ڌرتي استعمال ??ري رهي آهي ۽ کين هر حال ۾ روڪڻو پوندو. گهرو وزير چيو ته پاڪس??ان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئي آهي، غير قا??ون?? طور پرڏيهين جي واپسي مرحليوار شروعات ٿي چڪي آهي. هن واض?? ڪيو ته قا??ون?? دستاويز رکندڙ ماڻهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، ويزا ۽ ٻين قا??ون?? دستاويزن بنا ڪنهن کي پاڪس??ان ۾ رهڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ۽ جلد افغان پناهگيرن جي واپسيءَ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو. گهرو وزير افغان پناهگيرن جي بحاليءَ لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي برادريءَ جي ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريو. خاص نمائندي افغان پناهگيرن ۽ دوحه ڊائلاگ جي حوالي سان پاڪس??ان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته افغان پناهگيرن جي مستقبل بحاليءَ تي افغان حڪومت سان گڏ ڪم ??ري رهيا آهيون.