ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع پاڪستان جي موقعي ت?? ڪراچي ۾ پاڪستان جي ب??ني قائد اعظم محمد علي جناح رح جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جي شاندار تقريب منعقد ٿي. هن ڀي??ي پاڪستان ايئرفورس اڪيڊمي اصغر خان جي ھڪ چست جٿي قائد اعظم جي مزار تي گارڊن جون ذميواريون سنڀاليون. ان موقعي تي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ، ائير وائيس مارشل شھريار خان تقريب جو خاص مھمان ھو. جاري ??يل پڌارئي مطابق ايئر وائيس مارشل شھريار خان پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ باباءِ قوم جي مزار تي گل رکيا ۽ دعا ڪئي. قائد اعظم محمد علي جناح رح جي مزار تي پاڪستان ايئر فورس جا 74 ڪيڊٽس پيشيوراڻين ذميوارين لاءِ مقرر ٿيا، جن ۾ 61 مرد ۽ 13 عورت ڪيڊٽس شامل آھن.