اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيندي چيو آهي ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، ??اڪ??تان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اٽارني جنرل پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاوت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته ??اڪ??تان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، ??اڪ??تان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. وزيراعظم پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين کي ساراهيو. ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.