اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ وزارت جي سينئر مئنيجمينٽ ڪميٽي جو ??جلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز ۽ مختلف شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، وزارت ۾ جاري منصوبن ۽ شعبن جي ڪارڪردگي جو ??ائزو ورتو. ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته رٿابندي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي سڌارن جي نتيجي ۾ مثالي بڻايو ويندو. هن چيو ته عملدار، شعبن جا سربراهه ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز پنهنجي شعبن بابت واضح حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. هن چيو ته سي پيڪ سينٽر آف ايڪسيلينس کي تحقيق جو مرڪز بڻجڻو پوندو. سينٽر آف ايڪسيلينس سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي منصوبن لاءِ مستند تحقيق تي ٻڌل مواد فراهم ڪري حڪومت جي رهنمائي ڪري. هن چيو ته جائزي اجلاس ۾ باقاعدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، آ??يس??ن، شعبن ۽ جاري منصوبن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان سستي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ڪارڪردگي جو ??ائزو وٺي هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.