اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نوابزاده ??صرالله خان مرحوم جي لاءِ نشان امتياز جي سفارش ڪري ڇڏي. صدر آصف علي زرداري نوابزاده ??صرالله خان مرحوم کي جمهوريت، اتحاد ۽ انصاف جي لاءِ اڻٿڪ لگن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (لاڏڻي کانپوءِ)، ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪابينا ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته اها ايوارڊ ڏيڻ جو عمل شروع ڪري. صدر جو چوڻ هو ته نوابزاده ??صرالله خان ناليوارو ۽ باوقار سياستدان هو. سندس زندگي جمهوريت جي ترقي ۽ پاڪستان جي سياسي سالميت جي لاءِ وقف هئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته نوابزاده ??صرالله خان جي بي مثال د??انت، ڀائيچارو ۽ جمهوري قدر ايندڙ نسلن جي لاءِ حوصلا افزائي جو سبب هوندا. نوابزاده ??صرالله خان مرحوم جي سڀاڻي 27 سيپٽمبر تي 21 هين ورسيءَ ملهائي پئي وڃي.