نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پو??يو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي پاڪس??ان سان تعاون کي ساراهيندي ملڪ مان پو??يو جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملاقات ڪئي. هلندڙ سال جون ۾ بل گيٽس جي پاڪس??ان جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ڊسمبر 2024ع ۾ سيٽل مين گيٽس فائونڊيشن جي دوري جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم پو??يو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽيڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونديشن جي پاڪس??ان سان تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ملڪ مان پو??يو جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڪوشش ۾ پراڻي تعاون تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪس??ان ۾ صحت جي نظام جي مضبوطي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪس??ان جي پو??يو جي خاتمي جي لاءِ ڪوششن جو اع??را?? ڪندي بل گيٽس زور ڏنو ته پو??يو جو خاتمو ايندڙ نسلن کي ان موذي بيماري کان بچائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن سڄي ملڪ ۾ پو??يو ويڪسين پروگرام ۾ وزيراعظم جي ذاتي نگراني ۽ صوبائي حڪومتن جي قدمن کي ساراهيو. بل گيٽس افغانس??ان سان صحت جي جامع ڊائيلاگ تي روشني وڌي ۽ انهن قدمن جي لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي. هن انهن جاين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي پنهنجي رضامندي جو پڻ اظهار ڪيو جتي ٻارن کي پو??يو ويڪسين اڃا تائين ميسر نه ٿي يا پو??يو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار جو انگ وڌيڪ آهي، خاص طور تي جتي ٻارن کي بيماري لڳڻ جي شرح وڌيڪ آهي. گيٽس وزيراعظم کي شاهه سلمان انساني امداد ۽ ريليف سينٽر جي پو??يو ۽ ٻي صحت بابت امداد جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم سان بي ايم جي ايف جي غذائيت تي ڪم خاص طور تي حاملا عورتن جي لاءِ مائيڪرو نيوٽرينٽس بابت پڻ ٻڌايو ۽ چيو ته يونيسيف جي تعاون سان انهن کي اضافي وٽامن فراهم ڪري ان کي ڪيئن وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم گيٽس فائونڊيشن جي غزه ۾ پو??يو مهم کي ساراهيو. هن فوري جنگبندي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب تڪرارن جي حل تي زور ڏنو. هن پاڪس??ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ اعتماد جوڳي اتحادي هجڻ تي بي ايم جي ايف کي ساراهيو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ايس ٽي اي ايم، تعليم، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جهڙن شعبن ۾ تعاون کي وسيع ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.