اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 7 آڪٽوبر تي غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميزباني ?? آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ ??وج??ده سياسي پارٽين جو غزه ۽ فلسطينين سان قومي سطح تي يڪجهتي جي اظهار جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ معصوم فلسطينين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي حق ۾ آواز اٿارڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ميزباني ?? آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ 7 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي فلسطين يڪجهتي ڏهاڙي ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، شيري رحمان، خواجه سعد رفيق ۽ نيئر بخاري شامل هوندا. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته 7 آڪٽوبر تي سڄي پاڪستان ۾ فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي ۽ انهن تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿارڻ جي لاءِ ميڙاڪا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف شرڪت ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري فلسطين ۽ غزه ۾ جاري معصوم مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي سان يڪجهتي ڏهاڙي تي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ جماعت اسلامي جي غزه ۽ فلسطين ۾ جاري معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن جي حق ۾ يڪجهتي جي موقف کي ساراهيو ويو. ملاقات ۾ جماعت اسلامي جي امير ۽ وفد وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير ۾ فلسطينين تي جاري اسرائيلي ظلمن جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير شروع ڪرڻ تي وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد جي واڪ آئوٽ کي ساراهيو.