اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وزيراعظم اولزاس بيڪو تينو ۽ بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولو ??ينڪو شنگهائي ??عاون تنظيم جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانا ٿي ويا، سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ٻنهي وزيراعظمن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي کين رخصت ڪيو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته مستقبل ۾ به ائين ئي ??ابطن ۽ دورن جا خواهشمند آهيون جيڪي خطي جي لاءِ انتهائي لاڀائتا ثابت ٿيندا. قزاخستان جي وزيراعظم ۽ بيلاروس جي وزيراعظم وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته شنگهائي ??عاون تنظيم جو اجلاس شاندار ۽ تمام اعليٰ انداز ۾ ٿيو ۽ سندن پاڪستان ۾ قيام انتهائي ??وشگوار رهيو جڏهن ته هو ڪيتريون ئي ??ميدون ۽ خوشگوار يادون کڻي وڃي رهيا آهن. شنگهائي ??عاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ روس جي ٽرانسپورٽ واري ڊپٽي وزير دمتري زرائوف جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ ان اجلاس ۾ روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مواصلات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ نئين منصوبن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جي لاءِ چين، افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن تائين روڊ نيٽ ورڪ جي اهميت رکندڙ هوندو جڏهن ته روسي ڊپٽي ٽرانسپورٽ منسٽر دمتري زرائوف پاڪستان جي ڪميونيڪشن سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته شنگهائي ??عاون تنظيم جو اجلاس انتهائي مثبت رهيو ۽ اهي قدم خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ريلوي واري وفاقي سيڪريٽري جي شرڪت ۽ مواصلات جي شعبي ۾ اهم معاملن ??ي بريفنگ ڏني.