اسلام آباد -23 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفا??ي وزير ڄام ڪمال خ??ن چيو آهي، ته ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي شعبي ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستان?? روانگي واپار ڪندڙ ماحول دوست ۽ شفافيت جي عالمي معيار تي پورا لهي رهيا آهن، حڪومت به ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پاڪستان جي پنجين عالمي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر نمائش ٽيڪسپو 2024ع جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. نمائش جو افتتاح وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ نمائش جي مهمان خاص وفا??ي وزير ڄام ڪمال خان ڪيو جڏهن ته خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفا??ي وزير چيو ته ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر جي صنعتن ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني مصنوعات عالمي معيار جون آهن، ٽيڪسپو ۾ جديد مصنوعات جي نمائش، ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر مصنوعات پاڪستان جي قوم?? روانگي واپار جو 60 سيڪڙو حصو آهي. ڄام ڪمال خ??ن چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن عالمي معيار مطابق پاڻ کي تيار ڪري رهيون آهن. حڪومت ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي اهي. ڪووڊ-19 دوران پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو عزم ۽ جدوجهد تعريف جوڳا آهن. حڪومت صنعتن کي سستي اگهه تي توانائي فراهم ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ج?? روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. 2022ع ۾ 18.86 ارب ڊالرز جو تاريخ?? روانگي واپار ٿيو. پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو مستقبل روشن ۽ پائيدار آهي، اسان ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ وفا??ي وزير ڄام ڪمال خان کي پشاور ۾ به هڪ اهڙي ئي ٽيڪسپو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي سگهي ته پاڪستان ڪيترو محفوظ ملڪ آهي، جتي اڄ 52 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي. ڄام ڪمال خان سمورن پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي آجيان ڪندي هر طرح جي تعاون جو يقين ڏياريو.