اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٻاهرئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪيت جي ??حف?? کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٻاهرئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پراپرٽي جي ??حف?? جي لاءِ خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جي بل جي منظوري ا??م اڳڀرائي آهي، بل تحت خصوصي عدالتون اوورسيز پاڪستانين جي ملڪيتن تي ناجائز قبضي ب??بت مسئلا 90 ڏينهن ۾ اڪلائينديون، ٻاهرئي?? ملڪ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻاهرئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اوورسيز پاڪستاني مٽاسٽا جي ناڻي جي ذريعي ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي مفادن جي ??حف?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. وقتي صدر سمنڊ پار پاڪستانين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا ٻاهرئي?? ملڪ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو.