اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته ماريشيس جي عام چونڊن ۾ ڊاڪٽر نوين رام غلام کي ڪاميابي ۽ بعد ۾ وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سندس هر ڪاميابي ماريشيس جي روشن م??تق??ل جي نويد ه??ندي. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۽ ماريشيس جي دوستاڻي ۽ پرجوش لاڳاپن ک?? وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ نئين چونڊيل وزيراعظم سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آه??.