اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري م??لڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان انوويسٽا پرائيويٽ لميٽيڊ (ٽي ٽي ڪمپني) جي وفد جي سي اي او هشام سرور جي اڳواڻي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. آ??ِ ٽي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي آ??ِ ٽي جي م??ارتن سان ڳنڍڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد مملڪتي وزير کي انوويسٽا ڪمپني جي ورڪنگ ?? مقصدن بابت بريف ڪيو. هن مملڪتي وزير شزه فاطمه کي آگاهه ڪيو ته انوويسٽا پرائيويٽ لميٽيڊ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو هڪ قدم آهي جيڪو وڏي پئماني تي آ??ِ ٽي اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرامن، ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري جي سهولت ۽ انوويشن ذريعي قومي آ??ِ ٽي سيڪٽر ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آ??ي. وفد چيو ته انوويسٽا ملڪ جي نوجوانن کي آ??ِ ٽي جي م??ارتن سان ڳنڍڻ ۽ انهن جي ترقي لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿو. مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه انوويسٽا جي آ??ِ ٽي جي م??دان ۾ ڪم ڪرڻ ۽ مستقبل جي م??صوبن کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي نوجوانن کي جديد ترين ڊجيٽل مهارت سان ڳنڍڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن اهي بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اهو تمام ضروري آ??ي ته سموري ٽريننگ جي نتيجي ۾ تربيت يافته ماڻهن کي مارڪيٽ ۾ آساني سان روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. هن چيو ته آ??ِ ٽي واري وزارت ملڪ جي نوجوانن کي آ??ِ ٽي جي م??ارت سان ڳنڍڻ جي ڪوششن ۾ انوويسٽا کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪندي.