اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي)قومي اسمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ص??دق پيپلز پارٽي جي قائد ۽ اڳوڻي وزير اعظم شهيد محترمه بينظير ڀ??و کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هن جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي حياتي جو نظرانو به پيش ڪيو، محترمه بينظير ڀ??و جي 17هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهيد بينظير ڀ??و کي جمهوريت جي عالمي علمبردار طور هميشه ياد رکيو ويندو. کيس مسلم دنيا جي پهرين ??ور?? وزيراعظم ۽ قائدحزب اختلاف چونڊڻ جو اعزاز حاصل آهي. سردار ??يا?? صادق چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀ??و پنهنجي جدوجهد سان ??ور??ن کي ملڪي سياست ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، ميثاق جمهوريت ميان محمد نواز شريف ۽ شهيد محترمه بينظير ڀ??و جي ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت 1973ع جي آئين کي ان جي روح مطابق بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان تحت آئين ۾ 18هين ۽ 26 هين آئيني ترميم ڪئي وئي. سندس چوڻ هيو ته شهيد محترمه بينظير ڀ??و جمهوريت جي بحالي ۽ آئين جي بالادستي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون پيش ڪيون. اسپيڪر ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ شهيد محترمه جي مفاهمت جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.