اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سال 2025ع ۽ 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پاڪستان جي مدي جي شروعات جي مو??عي تي پرڏيهي وزارت ۾ هڪ آجياڻي جو اهتمام ڪي??. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن جي ريزيڊنٽ مشنز جي سربراهن ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان مو??عي تي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته اٺون ڀيرو چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ تجربي جي ڀرپور ميراث ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ج?? اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پختو عزم کڻي آيو آهي. هن عالمي ??من ۽ سلامتي ۾ پاڪستان جي حصيداري جي ذريعي خاص طور تي گڏيل قومن جي ??من قائم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ ??من قائم ڪرڻ جي ڪ??شش?? ۾ ان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪي??. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود مسئلن جي منصفاڻي ۽ پر??من حل جو خواهشمند آهي، پاڪستان ڪائونسل جي ميمبر ج?? طور تي طاقت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني استعمال يا ڌمڪي جي مخالفت ڪندو رهندو. هن چيو ته هر قسم جي دهشتگردي ۽ ان جي سمورين شڪلين ۾ مقابلو ڪي?? ويندو ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي موثر ??من قائم ڪرڻ جي ڪ??شش?? جي حمايت ڪري ٿو. نائب وزيراعظم پاڪستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ چونڊجڻ ۾ ڀرپور حمايت تي گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي سلامتي ڪائونسل جي سمورن ميمبرن سان تعميري ڪم ڪرڻ، گڏيل قومن جي وسيع تر ميمبرشپ سان ورڇ کي ختم ڪرڻ ۽ اتفاق راءِ کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ج?? مقصدن ۽ اصولن موجب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪي??.