اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اهو چوندي انتهائي فخر محسوس ٿئي ٿو ت?? پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن سال پاڪستان جو ڏهاڙو ملهائيندي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن اسان هن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رکيو آهي. وزيراعظم عمران خان 23 مارچ جي م??قع?? تي قوم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پي??ام ۾ چيو ت?? پاڪستان قائم ٿيڻ سان ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي پنهنجي تهذيبي تش??ص کي وڌائڻ، مذهبي آزادي ۽ ترقي جا برابر حق مليا جيڪي متحده هندستان جي هندو اڪثريت انهن کان سلب ڪرڻ پئي چاهيا.