اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي وبا جي خلاف جنگ ۾ مدد لاءِ ڪرونا وائرس رليف فنڊ 2020ع قائم ڪيو ويو آهي، هر شخص کي ان فن?? ۾ ??طيو ڏيڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ٿو ته سڀ ان فن?? ۾ ??صو وجهن ته جيئن انهن ماڻهن جي سارسنڀال ٿي سگهي جن کي لاڪ ڊائون بدحالي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پنهنجا قابل ??يڪس عطيا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي ڪراچي ۾ مرڪزي برانچ ۾ اڪائونٽ نمبر 4162786786 تي مو??لين، اڪائونٽ ??ي مڪمل تفصيل ۽ عطين ??ي منتقلي جي حوالي سان هدايتون www.nbp.com.pk/covidfund/index.aspx تي دستياب آهن.