اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي ??عبي لاءِ مراعتي پيڪيج، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ڊولپمنيٽ بورڊ قائم ڪرڻ ۽ تعميراتي ??عبي کي 14 اپريل کان کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هلندڙ سال تعميراتي ??عبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کان آمدني جو ذريعو نه پڇيو ويندو، فڪسڊ ٽيڪس لاڳو هوندو، سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن تعميراتي ??عبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪ??و ويو آهي، نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم لاءِ 30 ارب جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، گهر وڪرو ڪ??دڙن کان ڪيپيٽل گين ٽيڪس نه ورتو ويندو، مڪمل لاڪ ڊائون سان امن امان جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، 22 ڪروڙ ماڻهن کي بند نٿا ڪري سگهون، سڄي قومي گڏجي ڪورونا کي شڪست ڏيندي، خيراتي ??دارن جي سرگرمين کي جامع بڻائينداسين، زراعت ۽ مال بردار ٽرانسپورٽ جو شعبو مڪمل طور تي کليل آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ اهڙو ڪ?? به ڪم نٿا ڪرڻ چاهيون جنهن مان ائين معلوم ٿئي ته وفاق ڪجهه زبردستي ڪري رهيو آهي، ٽائيگر فورس اوڙي پاڙي ۾ وڃي ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪندي، پرائيويٽ اسڪولن جي فيسن بابت پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، ڪورونا رليف فن?? ڪمزور طبقي جي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي، بجلي ۽ گئس جي بلن جي ادائيگي ۾ ٽن مهينن جو رليف ڏنو ويو آهي، ڪنهن جو ڪ??يڪشن نه ڪٽيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن تعميراتي ??عبي جي لاءِ مراعتي پيڪيج جو اعلان ڪندي ڪيو.