اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بنا جواز جي تنقيد ڪندڙن جي اڻڄاڻائي تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، وزيراعظم عمران خان مستحق ماڻهن، مزدورن ۽ پورهيتن جي لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پئڪيج ڏنو، پنجاب فرنٽ لائين تي بيٺل ڊاڪٽرن، نرسن ۽ طبي عملي کي هڪ مهيني جي اضافي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪورونا جي خلاف لائين آف ڊيوٽي تي مقرر ڪنهن به سرڪاري ملازم يا ڊاڪٽر جي قيمتي جان خدا نه ڪري زيان ٿئي ٿي ته پنجاب حڪومت انه?? کي شهداءَ پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.