اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، بين الافغان ڳالهين تي راضپو ۽ ڳالهين واري ٽيمن جو اعلان خوش آ??نده آهي، انهن ڳالهين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ??ين??ي. اها ڳالهه هن افغان امن عمل بابت آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي صورتحال، افغان امن عمل جي حوالي سان خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ??ين??ڙ دهشتگردي جي حملي تي پرڏيهي وزير سان افسوس جو ا??ها?? ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وقت سر ڪارروائي ۽ جوانن جي مثالي جرئت کي ساراهيو.