اسلام آباد ??? 25 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو ??جل??س منصوبابندي، ترقي، سڌار?? ۽ ??اص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو. فورم کي عيدالاضحيٰ تي جانور جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن جي حوالي ??ان عملدرآمد ۽ خاص طور تي خلاف ورزين بابت بريفنگ ڏني وئي. مختلف صوبن ۾ حفاظتي تدبيرن جون خلاف ورزيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. فورم کي ٻ??ايو ويو ته پوري پاڪستان ۾ جانورن جي غيرقانوني منڊين کي بند ڪيو ويو، ڏنڊ هنيا ويا ۽ قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي. فورم ۾ شاپنگ پلازه، سبزي منڊي?? ۽ ??انورن جي منڊين ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خلاف ورزين جي مشاهدي تي بريفنگ ڏني وئي. اسد عمر چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب ا??ان کي هي عيد سادگي ??ان ملهائڻ گهرجي. عيد تي تفريحي جاين جو رخ نه ڪيو وڃي ۽ عيد تي ميڙ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته نماز ۾ سماجي فاصلن ۽ ڏنل هدايتن تي عمل ??ان وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اسد عمر چيو ته جانورن جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن کي هر ممڪن يقيني بڻايو ويندو.