اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رت جي ??ير??انوني، غاصباڻي ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اها قرارداد اي??ان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀ??رت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ??ير??انوني ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀ??رت جي ??ير??انوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪرڻ کي ورجائي ٿو جنهن جو م??صد ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرانساني قبضي کي برقرار رکڻ آهي. هي اي??ان زور ڏي ٿو ته ڀ??رت جو ??ير??انوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هي اي??ان ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي پاران ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا جو فائدو کڻندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نئون ڊوميسائيل قانون متعارف ڪرائڻ جي مذمت ڪري ٿو جنهن جو م??صد هندوتوا جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي خطي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي ??ير??انوني طور تي تبديل ڪرڻ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڀ??رت جي واحد مسلمان اڪثريتي علائقي جي مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي جو ??ير??انوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قانونن بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. قرارداد ۾ ڀ??رت جي هٿياربند فوج پاران ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن، ڇاپن ۽ تلاشين ۾ عدالت کان مٿانهون قتل ڪرڻ ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ ۽ قيد ڪرڻ جي قدمن جي پڻ سخت مذمت ڪئي وئي آهي.