اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چي?? ته اسلام امن جو دين آهي، ??ن کي دهشتگردي سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي، قانونسازي ۾ بنيادي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع غور هيٺ آندو وڃي. سيد نويد قمر چي?? ته دهشتگردي جي صورتحال ۾ ملڪ تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. هي بل ڪالعدم تنظيمن بابت آهي جيڪو به پاڪستان يا پاڪست??ن کان ٻاهر اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڪري ٿو، اسان سڀ ان جي خلاف گڏجي وڙهنداسين جڏهن ته جيڪو شخص دهشتگرد نه آهي اهو هن قانون جي زد ۾ نه ٿو اچي ته اس??ن کي هن قانون ۾ اهي شيون شامل ڪرڻ گهرجن جن سان بيگناهه متاثر شخص جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ممڪن ??ي سگهي. خواجه محمد آصف چي?? ته اسان جو مقصد پاڪستان جي شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ آهي. اسان پهرين به قانونسازي ۾ ان ڳالهه جو اصرار ڪي?? ته مالياتي ٽرانزيڪشنز ۾ ڪنهن بزنس مين جو حق متاثر نه ٿئي. شاهه محمود قريشي چي?? ته هتي مني لانڊرنگ رهي آهي اس??ن کي ان جو تدارڪ ڪرڻو آهي. قانونسازي متوازن ٿيڻ گهرجي. ميمبرن جون مثبت تجويزون شامل ڪيون وينديون. آئون قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چي?? ته هڪ طرف ماڻهو چئي رهيا هئا ته جيستائين نيب جو قانون نه ايندو ٻي قانونسازي نه ڪنداسين. هن چي?? ته ايف اي ٽي ايف جي چوڻ ک??ن اڳ ئي اس??ن کي اها قانونسازي پاڻ ڪرڻي گهرجي ها.