اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ??ه سمورن تعميراتي منصوبن جي پڄاڻي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائي وڃي، تعميرات جي شعبي ۾ سمورن مرحلن جي آٽوميشن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ نظام کي آسان بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي، اي?? بي آر پاران ڪاروباري برادري جي لاءِ آسانيون فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتي??ار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين بابت خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي ??يئ??مين اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، اي?? بي آر جي ??يئ??مين ۽ ٻين سي??يئ?? عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ناليواري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب، عقيل ڪريم ڍيڍي، محسن شيخاڻي ۽ حسن بخشي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اي?? بي آر پاران تعميرات جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن، بلوچستان صوبي ۾ تعميرات جي شعبي ۾ نئين منصوبي، وفاقي گادي واري شهر بليو ايريا ۾ پلاٽن جي نيلامي ۽ ٻين اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. اي?? بي آر پاران تعميرات جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن بابت بريفنگ ڏيندي اي?? بي آر ??يئ??مين وزيراعظم کي ٻڌايو ته اي?? بي آر ٽيڪس گذارن جي سهولتڪاري لاءِ تعميراتي منصوبن، ڊويلپرز ۽ بلڊرز جي لاءِ آن لائن رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرايو آهي ??نهن سان تعميرات جي شعبي ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي آسان ٿيندي. انهن قدمن جي ميڊيا ۽ ٻين ذريعن سان تشهير ڪئي پئي وڃي.