لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ زرعي پيداوار جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ويليوچين جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان احمد بوزدار، صوبائي وزيرن سيد حسين گرديزي، محمد سبطين خان، وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي ??ڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه زرعي پيداوار ۾ وزيراعظم جي ??يزن موجب اضافي ۽ ويليو چينز جي ف??وغ جي حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي آبادگارن جي ??الي مدد جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جاري ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت زرعي پيداوار جي صلاحيت ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر زرعي پروڊڪٽ جي ??يليو چين جي لاءِ ڌار ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙي.