اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته سينيٽ جي چيئرمين جي لاءِ مخا??فن کان به ووٽ گهرڻ ويندس، جيڪو اليڪشن وڙه??دو آهي اهو پُراعمتاد ??ي هو??دو آهي، مقابلو سخت آهي پر الله خير ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سينيٽ اليڪشن جي لاءِ يوسف رضا گيلاني وٽ ووٽ گهرڻ وڃي سگهان ٿو ته پوءِ سڀني وٽ وڃي سگهان ٿو. ميڊيا پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ ان جي ضرورت جو خيال رکنداسين، هڪ دفعو ٻيهر سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن وڙهڻ جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو اليڪشن ۾ له??دو آهي اهو پراعتماد ??ي هو??دو آهي. هن چيو ته مقابلو ته سخت آهي، الله خير ڪندو.