اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اسٽيٽ بئنڪ جي آپريشنل ۽ انتظامي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ، دائره ڪار ۽ اختيارن کي وڌائڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ترميمي) بل 2021ع جي مسودي، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ايڪٽ جي تجويز ڪيل قانون جي مسودي، تجويز ڪيل انڪم ٽيڪس (ٻي ترميم) بل 2021ع جي مسودي، اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (گورننس اينڊ آپريشنز) بل 2021ع، سارڪ ڪوويڊ 19 ايمرجنسي فنڊ ۾ 30 لک ڊالر عطيو ڏيڻ ۽ ورڇ ڪرڻ جي طريقيڪار سميت مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته ??طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??سان جي حڪومت سينيٽ جي شفاف چونڊن جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي جڏهن ته ??ليڪشن انهي ڏينهن غيرتڪراري ٿيندي جڏهن اوپن بيلٽ سان اليڪشن ٿيندي، اسان اونداهي قوتن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پورو زور لڳائينداسين، صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن کٽيندو. هو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي ا??لاس کانپوءِ صحافين کي بر??فنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته ڪابينا کي ا??لام آباد ميٽرو بس پراجيڪٽ تي بر??فنگ ڏني وئي، ميٽرو بس منصوبي ۾ دير جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. ڪابينا ??اڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ايڪٽ جي تجويز ڪيل قانون جي مسودي جي ا??ولي طور تي منظوري ڏيندي مسودو ڪابينا جي قانونسازي بابت ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني. ان تجويز ڪيل قانون تحت اڪيڊمي آف ايجوڪيشن پلاننگ اينڊ مئنيجمينٽ ۽ نيشنل ايجوڪيشن اسيسمنٽ سسٽم جو انضمام ڪري هڪ جديد ادارو قائم ڪيو ويندو جيڪو تعليمي ا??ارن جي ڊيٽابيس ۽ تعليمي ا??ارن جي معاملن کي منظم ڪرڻ ۾ ذميواريون ادا ڪندو. ان سان گڏوگڏ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي حوالي سان ڪابينا آئوٽ آف اسڪول چلڊرن فريم ورڪ جي پڻ منظوري ڏني. ان فريم ورڪ تحت انهي سموري عمل ۽ محرڪات جو جائزو ورتو پيو وڃي جنهن جي ڪري ٻار اسڪول نه پيا وڃي سگهن. ان فريم ورڪ ۾ آئوٽ آف اسڪول چلڊرن کي ا??ڪولن ۾ واپس آڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي پڻ تجويز ڪئي وئي آهي. ڪابينا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ترميمي) بل 2021ع جي مسودي جي منظوري ڏيندي ان کي پارليامينٽ آڏو پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان بل جو مقصد اسٽيٽ بئنڪ جي آپريشنل ۽ انتظامي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ، دائري ڪار ۽ اختيارن کي وڌائڻ آهي. ڪابينا ??اڪستان حڪومت پاران سارڪ ڪوويڊ 19 ايمرجنسي فنڊ ۾ ڏنل عطيي جي ورڇ جي طريقيڪار جي منظوري ڏني. واضح رهي ته ڪابينا ??اڪستان حڪومت پاران سارڪ ڪوويڊ 19 فنڊ ۾ 30 لک ڊالر عطيو ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. فنڊ قائم ڪرڻ وقت اهو طئي ٿيو هو ته ??ن فنڊ جي ورڇ سارڪ سيڪريٽريٽ جي توسط سان ڪئي ويندي جڏهن ته ??عد ۾ سارڪ ميمبر ملڪن پاران اهو فيصلو ڪيو ويو ته هر ميمبر پاران فراهم ڪيل عطيي جي ٻطرفي بنيادن تي ورڇ ڪئي ويندي. تنهن ڪري ڪابينا ??اڪستان پاران سارڪ فنڊ ۾ ڏني ويندڙ عطيي جي نئين طريقيڪار موجب ورڇ جي نئين طريقيڪار جي منظوري ڏني. ڪابينا ??يپرا ٽربيونل ۾ فنانس ميمبر جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران سفارش ڪيل اميدوارن جي اهليت ۽ تجربي کي نظر ۾ رکندي پيش ڪئي ويندڙ تجويز سان اتفاق نه ڪيو. ڪابينا ??يڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ آرڊيننس تحت شيخ زيد پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني. ڪابينا اوورسيز ايمپلائمنٽ پروموٽرز لائيسنسز جي حوالي سان 41 نوان لائيسنسز جاري ڪرڻ، 7 کي ملتوي ڪرڻ، 5 جي تبادلي ۽ دائري جي هڪ ڪيس جي منظوري ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ??يورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائمينٽ پاران هيستائين 11 لک ماڻهن کي ٻاهرئين ملڪ موڪليو ويو آهي. ڪابينا اعزاز احمد کي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ”ڪورونا کان ڊڄڻو نه آهي“ جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري پاران داخل ڪيل هڪ رٽ پٽيشن جي حوالي سان ڪابينا ان راءِ جو اظهار ڪيو ته ??يئن ته ??ن حوالي سان اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي واضح راءِ ملي چڪي آهي، ڪورونا ??ائرس جي صورت ۾ الله تعاليٰ پاران تنبيهه ٿيل آهي جيڪا الله سان رجوع ڪرڻ جي گهرج ڪري ٿي تنهن ڪري ڪورونا جي حوالي سان اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته ”ڪورونا ??با آهي، احتياط جنهن جي شفاف آهي“. ڪابينا ??وزيه خان کي پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل (فنانس) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ??راڊ شيٽ ايوارڊ ڪميشن آف انڪوائري جي چيئرمين جسٽس (ر) شيخ عظمت سعيد بطور چيئرمين ڪنهن قسم جو معاوضو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا سندس فيصلي کي ساراهيو. ڪابينا سي پيڪ بابت ڪميٽي جي 3 فيبروري 2021ع ۽ 22 فيبروري 2021ع جي ا??لاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪابينا توانائي بابت ڪميٽي جي 11 فيبروري 2021ع جي ا??لاس ۾ ڪيل فيصلن ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 19 فيبروري 2021ع جي ا??لاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪابينا تجويز ڪيل اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (گورننس اينڊ آپريشنز) بل 2021ع جي مسودي جي منظوري ڏني. ڪابينا طارق رشيد کي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا تجويز ڪيل انڪم ٽيڪس (ٻي ترميم) بل 2021ع جي مسودي، اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (گورننس اينڊ آپريشنز) بل 2021ع جي منظوري ڏني. ڪابينا ??اڪستان ۽ روس جي وچ ۾ نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين منصوبي جي حوالي سان معاهدي ۾ ترميم جي پروٽوڪول جي منظوري ڏني. ڪابينا صحت جي قومي ا??اري جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري جي منظوري ڏني. ڪابينا ڊريپ کي ڪوويڊ 19 ويڪسين جي ريٽيل پرائس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. اها قيمت قانون موجب طئي ٿيل فارمولي موجب مقرر ڪئي ويندي. ڪابينا ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شيخ اختر حسين کي هٽائڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا عاصم رئوف کي ڊريپ قانون موجب عارضي طور تي سي اي او ڊريپ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ??داراجاتي سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي، سرڪاري ا??ارن جي قانونن، رولز، ادارن ۾ ري ا??ٽرڪچرنگ تي ڊاڪٽر عشرت حسين بر??فنگ ڏني جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ??ساري ۾ ويندڙ سرڪاري ا??ارن کي بهتر ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??سان جي حڪومت شفاف چونڊن جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي آهي، سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ سسٽم جي لاءِ هر آپشن استعمال ڪيو، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ ٿيندڙ ميثاق جمهوريت ۾ پڻ اهو لکيل آهي ته ??ينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ٿيڻ گهرجي، هاڻي قوم کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪير تاريخ جي ساڄي ۽ ڪير کاٻي پاسي بيٺل آهي.