پشاور – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سو??ت ايڪسپريس وي تي ٽن سرنگهن جي تعمير جي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد به موجود هئا. وزيراعظم مڪمل ٿيل سرنگهن جو معائنو به ڪيو. زلام ڪوٽ، مالاڪنڊ آمد تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ فرنٽيئ?? ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل ڪمال اظفر وزيراعظم جو استقبال ڪيو، فرنٽيئ?? ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 80 ڪلوميٽر ڊگهي سو??ت ايڪسپريس وي تي 7 انٽرچينج قائم آهن، ايڪسپريس وي تي ٽي سرنگهون ڪڍيون ويون آه?? جنهن جي ڊيگهه 1266، 271 ۽ 324 ميٽ?? آهي