اسلام آبا?? – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم پاڪستان جي مناسبت سان شاندار پريڊ جي انعقاد تي ٽنهي هٿياربند فوج جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان هڪ قوم آهيون، اتحاد ۽ اتفاق سان اڳتي وڌندي قومي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي ??نز?? حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جار?? بيان موجب وزيراعظم چيو ته پريڊ ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ دوست ملڪن جي فوجن جي دستن اعليٰ پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، وزيراعظم چيو ته چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ث??اف?? کي گلدستو بڻائي پيش ڪيو ويو. پريڊ ۾ اسان جي هٿياربند فوجن نيوي ۽ فضائيه جي شاندار ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻي مهارت جي جهلڪ پوري دنيا ڏٺي.