اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) ناڻي ??اري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف 700 ارب جا نوان ٽيڪس ۽ ڏيڍ سئو ارب روپي?? جو انڪم ٽيڪس لڳائڻ جو چيو مون ان جي مخالفت ڪئي، سينيٽ جي سفارشن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، 15 ملين ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، کاڌي پيتي جي شين تي سيلز ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجي?? تي بحث سهيڙيندي ناڻي ??اري وزير شوڪت ترين چيو ته ايف بي آر ڪنهن ٽيڪس باقيدار کي گرفتار نه ڪندو پر پهرين ٿرڊ پارٽي جي ذريعي آڊٽ ٿيندو، پوءِ ضابطي جي ڪارروائي کانپوءِ گرفتاري جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته سينيٽ جي سفارشن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، ناڻي ??اري وزير چيو ته آءِ ايم ايف 700 ارب جا نوان ٽيڪس ۽ ڏيڍ سئو ارب روپين جا انڪم ٽيڪس لڳائڻ جو چيو مون ان جي مخالفت ڪئي، هن چيو ته اسان ٽيڪس نيٽ جي دائري ڪار کي وڌائينداسين جيڪي ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين انهن کي ٽيڪس نيٽ جي دائري ڪار ۾ آڻينداسين.