اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اٺين صوبي تي طالبا??ن جي قبضي کانپوءِ افغانستان ۽ آمريڪي عوام کي افغانستان جي موجوده حڪمرا??ن جي سامهون سوال رکڻ گهرجي ته آخر افغانستان کي ڏنل 2 هزار ارب ڊالر زمي?? کائي وئي ي?? آسمان ڳهي ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايترا پئسا لڳڻ کانپوءِ افغان فوج پنن وانگر ڇو وکري رهي آهي؟ اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي عوام غربت ۾ پيسجي رهي آهي پر افغانستان جا سياستدان ۽ جرنيل ارب پتي آهن، انهن سڀني جا ٻاهرين ملڪ اربين روپين جا اثاثا آهن، ڪرپشن ڪهڙي ط??ح قومن کي غرق ڪري ڇڏيندي آهي، افغانستان ان جو مثال آهي.