اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? ملڪي سلامتي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، پوليس، انٽيليجنس ايجنسين ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان تحت طئي ڪيل گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ جي لا??ِ موثر قدمن ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ قومي ايڪشن پلا?? جي اعليٰ سطح جي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ، قومي سلامتي واري صلاحڪار، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستا?? جي وڏن وزيرن، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، وفاقي سيڪريٽرين، چيف سيڪريٽرين، آءِ جي ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلا?? جي مختلف هصن تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ??رت?? ويو. ڪميٽي پاڙيسري ملڪ افغانستا?? جي صورتحال ۽ ملڪ تي ا?? جي ممڪن اثرن سميت ٻي اڳڀرائي تي غور ڪيو. ڪميٽي نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلا?? جي گهٽ ۽ وچولي مدي وارن هدفن جو جائزو ??رت?? ۽ سمورين ڌرين بشمول وفاق، صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميوارين جو پڻ جائزو ??رت??، ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته هر هدف جي بنيادي ڪارڪردگي اعشاريه متعين ڪيا ويندا ته جيئن مقرر وقت ۾ سمورا هدف حاصل ڪري سگهجن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائبر سيڪيورٽي، عدالتي ۽ سول سڌارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي، پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي ۽ قومي سلامتي سان سڌوسنئون واڳيل ٻين سيڪيورٽي چئلينجن کي فوري منهن ڏيڻ جي لا??ِ مختلف قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو ويندو. عالمي سلامتي جي مسئلن بابت اطلاع جي وقت سر، صحيح ۽ خوش اسلوبي سان وهڪري کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان نيشنل ڪرائسز، انفارميشن، مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنه?? جي قيادت گهرو وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ڪدنيون. اجلاس دوران سي پيڪ ۽ ملڪ ۾ سي پيڪ کان هٽي منصوبن تي ڪم ڪندڙ غيرملڪي خاص طور تي چيني شهري?? جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ مختلف قدمن جو جائزو ??رت?? ويو. اجلاس ۾ امن اما?? جي حوالي سان تازن ڪجهه قدمن سميت ملڪي صورتحال جو پڻ جائزو ??رت?? ويو. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته ملڪي سلامتي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ شرپسند عنصرن کي پوري قوت سان منهن ڏنو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خلاف جنگ ۾ قوم وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. ه?? ملڪي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، انٽيليجنس ايجنسين ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهم ڪردار ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم زور ڏنو ته نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان تحت ڪيل گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ جي لا??ِ موثر قدمن ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي.