اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارا وقت جي ضرورت آهي، مخالف ڌر قومي ايشوز بدران ذاتي م??ادن کي ترجيح ڏئي رهي آهي، مخالف ڌر سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهي آهي، مخالف ڌر جو مقصد ڦريل دولت کي بچائڻ آهي، جيڪڏهن اسان ان معاملي کي ڇڏي ڏيون ته هي سياست تان ئي رٽائر ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا، سمنڊ اپر پاڪستاني اسان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، پوليو جي خلاف جنگ م اسان کي تمام وڏي ڪاميابي م??ي آهي، گذريل 7 مهينن دوران رڳو هڪ پوليو جو ڪيس رڪارڊ ٿيو، گريڊ هڪ کان 22 گريڊ جي م??ازمن جي هائوس رينٽ سيلنگ ۾ 44 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، ازبڪستان کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي غيراخلاقي م??اد اپ لوڊ ڪندڙن جي خلاف قانونسازي ڪري رهيا آهيون، سئنيما جي سعبي جي ترقي لاءِ علائقائي م??ڪن سان فلمن جي نمائش جي اجازت ڏني پئي وڃي، ستين آدمشماري 18 مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي، ان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو، ڪرڪيٽ سيريز ملتوي ٿيڻ سان رڳو پي ٽي وي کي ڪروڙين جو نقصان ٿيو، هائبرڊ وار ۽ فيڪ نيوز هڪ ٻئي سان واڳيل آهن، قوم ڪنهن به چئلينج کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، جڏهن اسان Absolutely Not چونداسين ته ان جي قيمت ته ادا ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پوليو جي خلاف جنگ ۾ اسان تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، گذريل 7 مهينن کان پوليو جو رڳو هڪ ڪيس رڪارڊ ٿيو جيڪا ڊگهي عرصي کانپوءِ ترين سطح آهي، ڪابينا ان حوالي سان صحت واري وزارت جي قدمن کي ساراهيو آهي. هن چي?? ته پوليو فري م??ڪ جو اسٽيٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن تائين پوليو فري رهڻ ضروري هوندو آهي، اسان کي اميد آهي ته پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ڪوششون جاري رهنديون ۽ اسان پوليو فري م??ڪ طور سامهون اچي سگهنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪابينا خوراڪ بابت عالمي پروگرام (ورلڊ فوڊ پروگرام) جي درخواست تي سعودي عرب مان موڪليل شپمنٽ جي ريليز جي حوالي سان امپورٽ پاليسي آرڊر جي قاعدن ۾ هڪ ڀيري جي رعايت ڏيڻ جي م??ظوري ڏني آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا وڏن شهرن ۾ گهرن جي م??جوده ڪراين کي نظر ۾ رکندي وفاقي م??ازمن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ گريڊ 1 کان 22 تائين جي م??ازمن جي هائوس رينٽ ۾ موجوده سيلنگ ۾ 44 سيڪڙو اضافي جي م??ظوري ڏني. هن بڌاي?? ته هر ٽن سالن کانپوءِ ملازمن جي هائوس رينٽ تي نظرثاني ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کي مارڪيٽ پرائس سان ڳنڍيو وڃي ٿو. هن ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي جي مالي سال 21 – 2020ع جي اڪائونٽس جي آڊٽ جي لاءِ ميسرز ڪي پي ايم جي تاثير هادي اينڊ ڪو جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي م??ظوري ڏني آهي. هن وڌيڪ ٻڌاي?? ته ڪابينا ازبڪستان سان لاڳاپن خاص طور تي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ڪاروباري برادري کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ ازبڪستان کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي م??ظوري ڏني آهي. موجوده قانونن موجب بزنس ويزا لسٽ ۾ موجود ملڪن کي پاڪستاني سفارتخانن پاران 24 ڪلاڪن ۾ 5 سالن جي لاءِ ملٽي پل انٽري ويزا فراهم ڪئي وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ان لسٽ ۾ ازبڪستان نئون اضافو آهي. هن ٻڌاي?? ته اسان گوادر ۽ ڪراچي کي مزار شريف ۽ پوءِ تاشقند سان ريل ذريعي ڳنڍڻ چاهيون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪندڙ ڪمپنيز کي بلاڪ ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳي م??اد کي فوري طور تي هٽائڻ جي حوالي سان فيصلو وفاقي ڪابينا ڏانهن ريفر ڪيو هو، ان تي وفاقي ڪابينا سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪندڙ ڪمپني کي بلاڪ ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳي م??اد کي فوري طور تي هٽائڻ جي حوالي سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي کي پاليسي ڊائريڪٽو ڏنا. هن ٻڌاي?? ته سوشل ميڊيا جي حوالي سان اسان به رخي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيا آهيون. اسان انهن ڪمپنين کي پڪڙ ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون جيڪي پورنوگرافي خاص طور تي ٻارن جي حوالي سان معاملن کي بلاڪ ڪرڻ ۾ دير ڪن ٿيون. ان تي پي ٽي اي ڪم ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ ٻن ماڻهن جيڪي اعتراض جوڳي وڊيو ٺاهين ٿا، انهن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ پيڪا لاء ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. هن چي?? ته اسان پي ايم ڊي اي ۾ به سوشل ميڊيا رولز تجويز ڪيا هئا. هن چي?? ته اهو تمام وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، انهن قانون کي نئين سر آندو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ڪابينا ملڪ ۾ سئنيما ۽ فلم انڊسٽري جي بحالي جي لاءِ علائقائي م??ڪن مان فلمن جي درآمد ۽ انهن کي سئنيما ۾ ڏيکارڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چي?? ته اين سي او سي سان سئنيما کي کولڻ جي لاءِ ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ملڪ ۾ سئنيمائون فوري طور تي کوليون وڃن ۽ ان ۾ پنجابي فلمون، ڪئنيڊين، ترڪيءَ ۽ ايران جون فلمون ڏيکاريون وڃن، ان سان سئنيما جي ڪاروبار ک?? سهارو ملندو. ان کانسواءِ به اسان مراعتون ڏينداسين جن ۾ سئنيما جي لاءِ بجلي تي سبسڊي پڻ شامل آهي. ٽيڪسن ۾ ريليف اڳ ۾ ئي فراهم ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪابينا ڄمون اينڊ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي جي مالي سال 22 – 2021ع جي بجيٽ (جنهن جو ڪاٿو 190.383 ملين رپيا آهي) کي م??ظور ڪيو آهي. هن ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ پهريون ڀيرو آلٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزوليشن سينٽر قائم ڪرڻ جي م??ظوري ڏني آهي جنهن تحت اسلام آباد م اي ڊي آر سينٽرز جوڙيا ويندا، پهرين مرحلي ۾ فيملي ايشوز کي ڪورٽ بدران انهن سينٽرز ۾ آندو ويند?? ته جيئن ڳالهه ٻولهه ذريعي اهڙن معاملن کي حل ڪري سگهجي. هن ٻڌاي?? ته آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ان جي ماڊرن شڪل ۽ رولز آيا آهن، آمريڪا ۾ 75 سيڪڙو ۽ برطانيا ۾ 80 سيڪڙو ان کي ڪاميابي م??ي آهي. اهڙي قسم جا ڪيس حل ٿيڻ سان عدالتن ۾ بار گهٽ ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪابينا ملڪ ۾ پوليو جي تدارڪ جي لاءِ نوول اورل پوليو ويڪسين ٽائپ ٽو (nOPV2) جي استمال جي اجازت ڏني آهي. هن وڌيڪ ٻڌاي?? ته گذريل 7 مهينن دوران ملڪ ۾ پوليو جو هڪ رڳو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، پوليو جي خلاف اها وڏي ڪاميابي آهي. هن ٻڌاي?? ته ڪابينا عاصم رئوف کي ٽن مهينن جي لاءِ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي م??رر ڪرڻ جي م??ظوري ڏني آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ملڪ ۾ اڳئين (ستين) آدمشماري ڪرائڻ جي حوالي سان ايڊوائيزري ڪميٽي جون سفارشون ڪابينا آڏو پيش ڪيون ويون. هن ٻڌاي?? ته ستين آدمشماري ڪرائڻ جي م??ظوري جو مرحلو هلي رهيو آهي. ان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ويندو، آدمشماري جو عمل 540 ڏينهن يا 18 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو آهي. ان تي ڪجهه تفصيل گهربل هئا، وزيراعظم هڪ اسپيشل ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا رهجي ويل گهرجن کي ڏسندي. هن چي?? ته اها ڳالهه طئي آهي ته ايندڙ اليڪشن نئين آدمشماري ۽ نئين تڪ بندين تحت ٿيڻي اهي. ڪيترن ئي ماڻهن کي مايوسي ٿيندي جن کي لڳندو ه?? ته ايندڙ اليڪشن هن سال يا 6 مهينن کانپوءِ ٿي ويندي. هن چي?? ته اهو ليگل پراسيس آهي، ان کي جاري رهڻو آهي. اليڪشن کان اڳ چونڊ سڌارا آڻڻا پوندا، ان جي لاءِ هڪ طريقيڪار آهي، اسان مخالف ڌر چئون ٿا ته اها اچي ويهه ۽ ان تي ڳالهه ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته سروسز ٽربيونل جي نجڪاري بابت سينيٽ جي ايڊوائيزري ڪميٽي جي ايڊوائس هئي ته ان جي قيمت گهٽ ملي آهي، ان معاملي کي ٻيهر ڪابينا جي پرائيويٽايزيشن ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي، ان ڳالهه تي تڪرار ه?? ته وڪرو ڪيل هائيٽ 245 فوٽ آهي، پاليسي م??جب اهو چيو پئي وي?? ته اها هائيٽ 500 فوٽ تائين وڃي سگهي ٿي، ان ۾ واضح نه ه?? ته اها 245 فوٽ تائين وڃي سگهي ٿي يا 500 فوٽ تائين، ٻوليءَ 245 فوٽ تائين لڳي آهي، ان معاملي کي ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي ٻيهر ڏسندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ميمبرن جي م??ادن جي ٽڪراءُ جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ک?? چيو ويند?? ته اهي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ اهڙن ميمبرن کي شامل ڪن جن جو مفادن جو ٽڪراءُ نه هجي. هن چي?? ته ڪيترائي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي م??مبر اهڙين ڪميٽين ۾ شامل ٿين ٿا جتي انهن جو مفاد هوندو آهي. وزيراعظم چي?? ته سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اهڙن ميمبرن کي پاڻ جدا ٿيڻ جو چئي ڇڏين ڇ?? ته اهو غيراخلاقي آهي، جيڪڏهن اهي جدا نه ٿا ٿين ته ان تي قانونسازي ڪرڻي پوندي. اي وي ايم جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اي وي ايم بابت اهي ماڻهو ڳالهيون ڪري رهيا آهن جن کي ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ نه آهي، دنيا ان ٽيڪنالاجي کان تمام گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي، اسٽونيا ۾ چونڊون هاڻي انٽرنيٽ تي ٿي رهيون آهن. نيوزيلينڊ ۽ انگيلنڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي دوري جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ان بابت گهرو وزير سان گڏجي م??ڊيا کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويند?? ته ڪهڙي طرح فيڪ نيوز ۽ هائبرڊ وار اهڙي قسم جي معاملن سان ڳنڍيل آهن. هن چي?? ته رڳو پي ٽي وي کي 20 کان 25 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي، اسان پنهنجي وڪيلن سان به ڳالهه ڪئي آهي ته ڪهڙي طرح ان معاملي کي عدالت ۾ کڻي وڃي سگهجي ٿو. هن چي?? ته قوم ڪنهن به چئلينج کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، جڏهن اسان Absolutely Not چونداسين ته ان جي قيمت ته ادا ڪرڻي پوندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته چنوڊ سڌارن تي اسان مخالف ڌر ک?? چئون ٿا ته اها اچي ويهه ۽ ڳالهه ڪري، جڏهن اسان سڌارن طرف وڃون ٿا ۽ مخالف ڌر ک?? گهرايون ٿا ته اهي نه ٿا اچن، اسپيڪر صاحب پاران انهن کي خط به لکيا ويا پر انهن جي ليڊرشپ پاران هڪ ئي ڳالهه اچي ٿي ته اسان جي ڪيسز جي ڳالهه ڪريو. جيڪڏهن مخالف ڌر ک?? حڪومت جا سڌارا پسند نه آهن ته اهي پنهنجا سڌارا آڻين. هن چي?? ته ڪا به حڪومت اقتدار ۾ رهندي سڌارن جي ڳالهه ناهي ڪندي، هي واحد عمران خان آهي جيڪو سڌارن جي ڳالهه ڪري ٿو. هن چي?? ته مخالف ڌر جو مقصد رڳو ڦريل دولت کي بچائڻ آهي جيڪا انهن هنڊي ۽ حوالي ذريعي ٻاهر موڪلي. جيڪڏهن اسان ان معاملي کي ڇڏي ڏيون ته هي سياست تان ئي رٽائرڊ ٿي ويندا، انهن جي سياست رڳو پنهنجو پئسو بچائڻ جي لاءِ آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته مهانگائي جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٿي آهي. هن وقت ملڪ ۾ تيل جون قيمتون تيل درآمد ڪندڙ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن. پاڪستان ۾ گئس جي قيمت به گهٽ آهي، قطر جهڙو ملڪ جيڪو گئس ۾ پاڻڀرو آهي، ان جي م??ابلي ۾ به گئس جي قيمت پاڪستان ۾ گهٽ آهي، اسان گئس درآمد ڪري گهٽ قيمت تي فراهم ڪري رهيا آهيون. حڪومت غريب ماڻهو کي احساس پروگرام تحت سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، سبسڊي جا وڏا پروگرام غريب ماڻهن جي لاءِ آندا پيا وڃن. هن ٻڌاي?? ته تاجڪستان ۾ کنڊ جي قيمت پاڪستان جي م??ابلي ۾ وڌيڪ آهي. هن چي?? ته مهانگائي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ماڻهن جي آمدني ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن ٻڌاي?? ته هن وقت 60 سيڪڙو آبادي زرعي شعبي سان واڳيل آهي، 70 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته 30 سيڪڙو پگهاردار طبقو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پگهاردار طبقي ۽ ميڊيا جي ماڻهن جون پگهارون نه وڌيون، انهن کي مسئلا درپيش آهن، انهن جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته زرعي شعبي ۾ ڪپهه جي حوالي سان شروعاتي رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ڪپهه جي پيداوار ۾ 160 سيڪڙو اضافو نظر اچي رهيو آهي. هن چي?? ته ڀاڄين جي درآمد جي معاملن کي به ڏٺو پيو وڃي. ميڊيا اونرز کي به درخواست آهي ته اهي م??ڊيا ورڪرز جون پگهارون وڌائين ته جيئن انهن کي به لڳي ته آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي.