اٽڪ – 05 211; نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اٽڪ ۾ جديد سهولتن سان ليس ماءُ ٻار اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ماءُ ٻار اسپتال سان اٽڪ ضل??ي جي 20 لک رهواسين خاص طور تي عورتن کي صحت جون معياري سهولتون ملنديون. پنج??ب حڪومت 200 بسترن تي ٻڌل اها ماءُ ٻار اسپتال کي 2 سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪندي. ڄاڻايل منصوبي جي ڪل لاڳت 5.3 ارب رپيا آهي جنهن جي لاءِ اڌ رقم 2.66 ارب رپيا وفاقي حڪومت پ??جاب صوبي کي جاري ڪري چڪي آهي.