اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي برادري منجمند وسيلن تائين پهچ ۽ هنگامي بنيادن تي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي، طالبان رابطن ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهي چاهين ٿا ته دنيا انهن کي تسليم ڪري ۽ انهن جي مدد ڪري، عالمي برادري ماضي جون غلطيون ورجائڻ کان بچي ۽ مثبت رابطو جاري رکي، پاڪستان ۽ افغانستان گڏيل ورثو ۽ تاريخ رکن ٿا، افغانستان ۾ ا??ن ۽ استحڪام ويجهي ترين پاڙيسري جي ??ور تي پاڪستان جي ??ڌوسنئون مفاد ۾ آهي. هو ٽرائيڪا پلس جي ??فتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ چين، پاڪستان، روس ۽ آمريڪا جا نمائندا خصوصي طور شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان سان رابطو نه رڳو بحال رهڻ گهرجي پر ڪيترن ئي سببن جي ??نياد تي ان ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي ??ه جيئن ٻيهر هي ملڪ گهرو ويڙهه جي ور نه چڙهي، ڪير به ٻيهر ائين ڏسندي ٿيڻ نه ٿو چاهي، معاشي تباهي جو به ڪو خواهشمند نه آهي، جنهن سان عدم استحڪام وڌندو، هر ڪو اهو چاهي ٿو ته افغانستان جي ??ندر فعال دهشتگرد عنصرن کي موثر انداز ۾ منهن ڏنو وڃي ۽ پناهگيرن جي هڪ نئين بحران کان بچيو وڃي. افغانستان بابت اسان ??ڀن?? جي ڳڻتي ۽ فڪرمندي گڏيل آهي جڏهن ته اتي ا??ن ۽ استحڪام اسان ??ڀن?? جي گڏيل مفاد ۾ آهي. انهن ??ڀن?? کي حاصل ڪرڻ اسان ??ڀن?? جي گڏيل ذميواري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ان صورتحال ٽرائيڪا پلس نمايان اهميت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ ان جو اهم ڪردار آهي جيڪو ان کي ادا ڪرڻو آهي. اسان پراعتماد آهيون ته ٽرائيڪا پلس جي نئين افغان حڪومت سان ا??ن ۽ استحڪام جي فروغ، پائيدار معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ افغانستان جي ??ندر سرگرم دهشتگردن جي لاءِ گنجائش محدود ٿي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان هن وقت م??اشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي مالي امداد جي نه هجڻ سبب پگهارن جي ??دائيگي تائين ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن.