اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان حسب مع??ول جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌ?? سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي خطبي ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ معاشرتي بهتري لاءِ نجي ۽ اجتماعي زندگي ۾ خوش گفتاري جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ٻين کي به اظهار راءِ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ اخلاق کي اختيار ڪري ئي حقيقي زندگي جي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. دلين ۾ خير هوندي ته معاشري ۾ به خير ئي پکڙجندو، ان طرح سڄي دنيا ۾ انسانن جي رهنمائي ڪندڙ قوم جوڙي سگهجي ٿي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي س??ام??ي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌ?? سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.