اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان جي سول سوسائٽي جمهوريت جي استحڪام ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پارليامينٽ جمهوريت کي ڪ??مي??بي سان وڌندي ويجهندي ڏسڻ چاهي ٿي. ڊيموڪريسي رپورٽنگ انٽرنيشنل، ڊ?? آر آئي نيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ڊي آر آئي قومي ڪانفرنس جي انعقاد کي ساراهيو ۽ چيو ته سول سوسائٽي جو ڪم معاشري ۾ بي حد اهميت رکندڙ آهي، ??ڪومت سول سوسائٽي سان ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ۾ ٻارن جي بهتري لاءِ قانون سازي ٿي رهي آهي، ??سلام آباد ۾ ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ شيلٽر هومز به ٺاهيا پيا وڃن، قومي اسيمبلي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا ان تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي آهي، چونڊ سڌارن کانپوءِ جمهوريت کي وڌيڪ سگهه ملي آهي، هن چيو ته سول سوسائٽي کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ان جي صلاحيت موجب موقعو ڏنو وڃي جنهن لاءِ پارليامينٽ جا دروازا کليل آهن.