اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ پوري قوم اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪري ر??ي آهي، ان سانحي پوري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ايس پي ايس سانحي جي شهيدن جي ستين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ فرخ حبيب چيو ت?? حڪومت سميت پوري قوم ايس پي ايس شهيدن جي پوئينرن ??ان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ت?? پاڪستان جي تاريخ ۾ اي پي ايس جي معصوم هيروز جي قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ت?? اي پي ايس سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ف??رسز ۽ عوام دهشتگردي جي خل??ف قربانيون ڏنيون. مملڪتي وزير چيو ت?? پاڪستان ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي، اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ف??رسز تي فخر آهي، جنهن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري امن قائم ڪيو آهي.