اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلا??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ مضبوط مقامي حڪومت جو واعدو صرف عمران خان پورو ڪيو، ٻيو ڀ??رو خيبرپختونخوا ۾ شفاف ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون ڪرايون، عمران خان واحد اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي سياسي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا جون چونڊون ٻن حوالن سان اهم آهن، پهريون اهو ته پهريون ڀيرو تعلقي جي سطح تي سڌو سنئون ووٽ سان چونڊيل نمائندن کي اختيار منتقل ٿي رهيا آهن، مضبوط مقامي حڪومت جو واعدو صرف عمران خان پورو ڪيو ۽ ٻيو ڀ??رو حڪومت شفاف ۽ غير جانبداراڻي چونڊون ڪرايون، هن چيو ته صرف عمران خان اهو اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي سياسي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندا آهن، ٻي صورت ۾ ڪيترو آسان آهي وڏي وزير جي صورت ۾ هڪ ڊڪٽيٽر رکو ۽ ڪم هلايو، جي??ا پ پ پ ۽ نون ليگ جي روايت رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو اڄ به ان ر??يي جو شڪار آهن، هاڻي پنجاب ۾ به بااختيار نظام قائم ٿيڻ وڃي رهيو آهي.