اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ جي لاءِ موجوده حڪومت عملي قدم کنيا، اوورسيز پاڪستاني ا??ان جي مٿي جا موڙ آهن، انهن جي خدمت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت وراثتي سرٽيفڪيٽ جي عمل کي شفاف ۽ آ??ان بڻائي ڇڏيو آهي، ان ??ان اوورسيز پاڪستاني به فائدو کڻي سگهندا. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ موڪليا، جنهن تي ا??ان انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪشميرين جو آواز بلند ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪندو رهندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن ۾ اوورسيز پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 ??ان ا??ان جي معيشت تي چئلينج آيو، وزيراعظم عمران خان جي ڪامياب حڪمت عملي رهي، دنيا ا??ان جي حڪمت عملي کي ساراهي رهي آهي. اڄ پاڪستان ۾ صنعتون 100 سيڪڙو ڪم ڪري رهيون آهن، گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جو رڪارڊ وڪرو ٿيو، هائوسنگ جي شعبي ۾ 1000 ارب جي منصوبن تي ڪم جاري آهي. گهٽ آمدني وارن گهرن جي لاءِ 260 ارب جون درخواستون مليون، 40 ارب فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪوويڊ 19، عا??مي مهانگائي، ٽرانسپورٽي??ن مهانگي ٿيڻ جهڙا چئلينجز درپيش رهيا. 7 ڪروڙ آبادي کي مفت ويڪسين لڳائي وئي آهي، 250 ارب جي ويڪسين خريد ڪئي وئي. هن چيو ته سماجي تحفظ نيٽ ورڪ قائم، صحت انصاف ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو، 260 ارب رپين ??ان احساس پروگرام متعارف ڪرايو ويو ته جيئن غريب ۽ پيڙهيل طبقن جي سڌي سنئين مدد ڪئي وڃي.