اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران 82 سالا ٽيڪس ڏيندڙ سان اڻوڻندڙ سلوڪ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته هو غيرذميواري ۽ بدعنواني جي پوري نظام جو جائزو وٺي ۽ ان ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري. ايوان صدر ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب صدر بزرگ شهري جي خلاف ايف بي آر جي فيصلي تي ڇوٽ ورتي جنهن ان ??ي غيرضروري بنيادن تي 2333 رپين جي معمولي رقم واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان ??ي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل غيرضروري قانوني چاره جوئي ۾ گهيليو. بزرگ شهري عبدالحميد خان سان معذرت ڪندي صدر چيو ته ايف بي آر پاران ??يس پهچندڙ تڪليف تي اسان جا ڪنڌ شرم سان جهڪڻ گهرجن. عبدالحميد خان (شڪايت ڪندڙ) هڪ بزرگ شهري آهي، جنهن جي عمر 82 سال آهي، هن پي ٽي سي ا??ل ۽ موبائيل فون تي وصول ڪيل ايڊوانسڊ ٽيڪس واپسي جي مد ۾ سال 2020ع جي پنهنجي ا??ڪم ٽيڪس ريٽرن تي 2333 رپين جو ريفنڊ جمع ڪرايو هو. شڪايت ڪندڙ 19 آڪٽوبر 2020ع تي ريفنڊ جي درخواست اي فائيل ڪئي جنهن کانپوءِ 24 ڊسمبر 2020ع تي ا??ف بي آر چيئرمين کي به ياد ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڏني وئي. ايف بي آر جي يونٽ آفيسر 29 جنوري 2021ع تي ا?? جي ريفنڊ جي دعويٰ کي ا?? بنياد تي رد ڪري ڇڏيو ته درخواست ڏيندڙ تصديق ڪيل گهربل اصل سرٽيفڪيٽ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو. شڪايت ڪندڙ ٻيهر پنهنجي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ معاملو وفاقي ٽيڪس محتسب وٽ ??ٿا??يو. ايف ٽي ا?? معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ 02 جون 2021ع تي ا??ف بي آر کي حڪم ڏنو ته اها 19 جنوري تي غيرقانوني حڪم تي نظرثاني ڪري ۽ شڪايت ڪندڙ کي قانون موجب ٻڌڻي جو موقعو فراهم ڪرڻ کانپوءِ، آرڊيننس جي سيڪشن 170 (4) تحت هڪ نئون حڪم جاري ڪري. هن حڪم ڏنو ته ان اهلڪار جي سڃاڻپ ۽ ان جي خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي جنهن قانون ۽ طريقيڪار جون ڌڄيون اڏائيندي غيرضروري حڪمنامو پاس ڪيو ۽ وڏي عمر جي ٽيڪس ڏيندڙ کي غيرضروري قانوني چاره جوئي سان ??ڏ 45 ڏينهن جي ا??در تعميل جي اطلاع ڏني. نتيجي طور ايف بي آر 24 جون 2021ع تي ا??ف ٽي ا?? جي اصل حڪم جي خلاف صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا??ف بي آر جي درخواست رد ڪندي چيو ته شڪايت ڪندڙ اعتراف سان ??ڏ ايڊوانس ٽيڪس جون ڪاپيون پيش ڪيون آهن جيڪي لاڳاپيل عملدار جي ذريعي جمع ڪيل سرٽيفڪيٽس موجب آهن. جيڪڏهن يونٽ آفيسر سرٽيفڪيٽس جي ڪاپين مان مطمئن نه هو ته هو نه رڳو پي ٽي سي ا??ل ۽ سيل فون ڪمپنين کان تصديق ڪرائي سگهيو پئي پر آن لائين سسٽم ذريعي به تصديق ممڪن هئي. هن چيو ته ڊيوٽي آفيسر جي ذميواري آهي ته جيڪڏهن اها سسٽم ۾ ظاهر نه ٿي رهي هئي ته هو ڪٽوتي ڪندڙ عملدار کان ٽيڪس جي ڪٽوتي جي تصديق ڪرائي ها، قطعي نظر ان جي سرٽيفڪيٽس اصلي يا ڪاپيون آهن. صدر آن لائين سسٽم جي ذريعي پي ٽي سي ا??ل ۽ سيل فون ڪمپني کان بلن جي تصديق ڪرڻ ۾ آفيسر جي ناڪامي کي غيرذميواري ۽ بدانتظامي جو عمل قرار ڏنو. هن چيو ته آفيسر جو اهو فعل ايف بي آر جي قانون، طريقيڪار ۽ هدايتن جو مذاق اڏائڻ آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته وڏي عمر جي پينشنر جي تذليل جي لاءِ ڪيس ۾ غيرقانوني سلوڪ ڪيو ويو. ايف بي آر جي درخواست کي رد ڪندي صدر عارف علوي چيو ته اهو بيوروڪريٽڪ ??ٿا??ٽي جو انتهائي ا??سوس جوڳو ۽ شرمناڪ حربو آهي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ته ايف بي آر جي ا??لڪار پنهنجي کاتي، ٽيڪس محتسب ۽ صدر پاڪستان جو وقت ضايع ڪيو. رڳو 2333 رپين جو اهو معاملو هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين لٽڪيل رهيو. هن ان ??الهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته ايف بي آر ۾ بيوروڪريٽس جي ڊگهي چين مان ??نهن به ان معاملي تي غور فڪر نه ڪيو ته ان معاملي جي ناانصافي، گهٽ ظرفي ۽ ضرورت کان وڌيڪ دير جو نوٽيس ورتو وڃي. صدر چيو ته اسان جا ڪنڌ شرم سان جهُڪڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته هو سينيئر سٽيزن عبدالحميد خان سان ايف بي آر جي ڪري ٿيندڙ تڪليف تي معذرتخواهه آهي. هن هدايت ڪئي ته ان معاملي ۾ فيصلاسازن جي پوري چين جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ ايف بي آر چيئرمين کي ان ??الهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ذميوارن خاص طور تي ۽ ٻين بالعموم، انهن کي ترجيحون ۽ شائستگي سيکارڻ جي لاءِ ڪورسز مان ??ذرڻ گهرجي.