اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم هج?? گهرجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 233 ارب رپين جا ڪ??س التوا هيٺ آهن، اهو ڪنهن شخص جو ذاتي نه پر ملڪ جو پئسو آهي، انهن ڪيسن جي حوالي سان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ رجسٽرار سان سٺي ??احول ۾ ملاقات ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله بهتر مشورا ڏنا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته اڄ ايف بي آر چيئرمين سان گڏ اسان جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ رجسٽرار سان سٺي ??احول ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران ايف بي آر چيئرمين 13 ڪيسن کي وڌيڪ اهم قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته جسٽس اطهر من الله پاڪستان جي ڪجهه وڏن ججن مان آهي. هن پاڪستان جي خوشحالي طر?? هڪ وڏو قدم کنيو آهي. هن چيو ته اميد آهي باقي عدالتون به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پوئيواري ڪنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته وصولين بابت ڪيس هاءِ ڪورٽ نه، ايف بي آر جي وڪيلن جي ڪري ڦاٿل آهن. هن چيو ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم هج?? گهرجي. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته يقيني طور تي ايف بي آر چيئرمين اجلاس ۾ ڏنل تجويزن مان فائدو کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان تيار آهيون، پر لڳي ٿو مخالف ڌر پاران عدم اعتماد جي رٿ اچڻي نه آهي.