اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ ان کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اهم دستاويزن کي محفوظ ۽ انصاف جي فراهم?? کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفا??ي ٽيڪس محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ ايف بي آر، وفا??ي ٽيڪس محتسب آفيس ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن ۽ مختلف واپاري تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت، وسيلن جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، وفا??ي ٽيڪس محتسب شڪايت ڪندڙن کي گذريل سال 8.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو، وفاقي محتسب جو ادارو ڪاريوباري برادري جي لاءِ ڪاروبار ۾ آساني يدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ غيرضروير د??ر سان ٽيڪس ڏيندڙن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صدر چيو ته عوام ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي، بدانتظامي جي خلاف انصاف جي لاءِ ٽيڪس محتسب سان رجوع ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، بلاڪ چين ٽيڪانلاجي جي مدد سان فنڊز جي چوري، ڪرپشن ۽ رشوت خور?? کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، جديد آءِ ٽي لوازمات جي مدد سان ٽيڪس ڏيندرن کي جلد ريليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مسئلن جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ??دارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطي جي ضرورت آهي، ٽيڪس ادارن، وفاقي محتسب جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ ڪارائتا ث??بت ٿيندا. صدر چيو ته وفا??ي ٽيڪس محتسب جي خدمتن ۽ ڪارڪردگي ب??بت ماڻهن کي آگاهي ڏين جي ضرورت آهي، ٽيڪس ڏيندڙن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪس محتسب جي دائر?? کي سڄي ملڪ ۾ توسيع ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جديد ٽيڪنالاجي سان اهم دستاويزن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، ٽيڪنالاجي سان ڪيترن ئي ڏوهن جي جاچ ۾ مدد ملي وڃي ٿي. صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاج?? کي اختيار ڪري بدعنوان?? کي ختم ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ڪيترن ئي ڏوهن جي جاچ ۾ ٽيڪنالاجي سان مدد ملي ٿي، جلدي جي فيصلن سان انصاف جو اصول متاثر ٿئي ٿو جڏهن ته غيرضروري دير به ڪجهه وقتن تيڪرپشن جي زمري ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ 25، 30 لک ٽيڪس فائيلرز آهن جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) عوامي آگاهي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. وفا??ي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه پڻ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪيو. هن چيو ته ٽيڪس محتسب ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي ۽ بدانتظامين جي خلاف عوام کي ريليف فراهم ڪري رهيو آهي، عوام کي جلد انصاف جي فراهمي لاءِ جديد ٽيڪنالاج?? کي استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گذريل 5 سالن ۾ ٽيڪس محتسب 27 ارب رپيا ريفنڊ ڪرايا آهن. صدر سيمينار ۾ وفا??ي ٽيڪس محتسب ويب پورٽل جو پڻ افتتاح ڪيو.