اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن ??اري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي. پارليامينٽ هائوس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ??اري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ 47 هين اجلاس جي چيئر نائجيريا جي پرڏيهي وزير حسومي مسعودو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي 48 هين اجلاس جي چيئرمين شپ حوالي ڪئي. وزيراعظم عمران خان، اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه، سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن سعود السعود ۽ چين جو ??سٽ??ٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ ي?? پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نائجير جي پرڏيهي وزير هاسومي مسعودي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ مسلمان امت جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن، ڪاميابين ۽ قدمن تي روشني وڌي.