اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري هيضي جي وبا تي ضابطو آندو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب 3615 متاثرين جي مڪمل صحتيابي کانپوءِ اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ 3 رهجي ويو. پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ گذريل ڏينهن هيضي جي وبا پکڙجڻ تي وزيراعظم شهباز شر??ف جي خاص هدايتن تي وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا، ان ڏس ۾ وزيراعظم کي بلوچستان حڪومت پاران حتمي رپورٽ پيش ??ئي وئي. رپورٽ موجب پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ هيضي جي وبا جو ڦهلاءُ پٿر نالي جي قدرتي چشمي مان پا??ي جي استعمال سان ٿيو. وزيراعظم جي هدايت کانپوءِ پا??ي جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا جڏهن ته ان جي ڪلورينشن کانپوءِ ان کي پيئڻ کانسواءِ استعمال جي لاءِ کوليو ويو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ صوبائي حڪومت پاران فوري طور تي دوائن جي فراهمي لاءِ فنڊز فراهم ڪيا ويا، پيرڪوهه ۾ هنگامي بنيادن تي ٻه ميڊ??ڪل ڪئمپس ۽ بي ايڇ يو پيرڪوهه کي 20 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهڻ سان گڏوگڏ ڪوئيٽا مان 24 ڊاڪٽرن ۽ 32 پيراميڊ??ڪل اسٽاف جي عملي کي پيرڪوهه مقرر ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيرڪوهه ۽ ڊيره بگٽي ۾ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون ان کانسواءِ مقامي انتظاميا جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ گهر گهر آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽيمن جي جوڙجڪ ??ئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ آپريشن جي نگراني جي لاءِ منشيات جي خاتمي وارو وزير نوابزاده شاهه بگٽي، چيف سيڪريٽري بلوچستان، صوبائي هيلٿ سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موقعي تي موجود رهيا، صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پليٿا پڻ ڊيره بگٽي جو دورو ڪيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صاف پا??ي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪروڙ رپين جي فراهمي ۽ پي ڊي ايم اي پاران 4000 گيلنز صاف پا??ي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ٽينڪس فراهم ڪيا ويا. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي پيرڪوهه زينڪوهه ۾ واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن ک?? ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. متاثر ماڻهن کي فوري طور تي طبي امداد سان گڏوگڏ صاف پا??ي ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون ويون. رپورٽ موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ ايمبولينس، دوائون، هڪ 12 بسترن تي ٻڌل اسپتال فراهم ??ئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ جي لاءِ گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي مڪمل ??ئي وئي آهي.