اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حقيقي آزادي جو مطل?? بک ۽ غربت کان آزادي آهي، مع??شي خودمختياري کانسواءِ اسان جي آزادي نامڪمل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام هڪ مع??زو ۽ 20 هين صدي جي سڀ کان وڏي اڳڀرائي هئي جيڪا قائداعظم جي متحرڪ قيادت ۽ قربانين جي ڪري ممڪن ٿي. هن چيو ته مسلمانن کي يقينن تمام گهڻين مشڪلاتن کي من??ن ڏيڻو پيو هو پر انهن جو شڪست ڏيڻ جو عزم ان کان وڌيڪ مضبوط هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان پنهنجي محنت سان حاصل ڪيل آزادي جو 75 هون جشن ملهائي رهيا آهيون، اسان کي غور فڪر ڪرڻ گهرجي ته اسان اڃا تائين ان خواب کي مڪمل طور تي پورو ناهي ڪيو جيڪو اسان جي بانين ڏٺو هو. ان ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف، ??انون جي حڪمراني ۽ برابر مع??شري جو خواب شامل هو. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته قوم اهو سمجهي ته حقيقي آزادي جو مطلب ڇا آهي. اهو بک ۽ غربت کان آزادي آهي. مع??شي خودمختياري کانسواءِ اسان جي آزادي نامڪمل آهي، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جا ماڻهو آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوامي پاليسي جو محور انهن جي ڀلائي هجڻ گهرجي.