اسلام ??باد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ترقي جي لاءِ اسا?? جي حصيدار آهي، بريس پروگرام ??ماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدم?? جي مدد ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هو بريس پروگرام ??حت قرض جي فراهمي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ ناڻي وارو وف??قي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير سردار اياز صادق، اي ڊي بي جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ٻيا به شريڪ هئا. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل وقت ۾ اي ڊي بي پاران تعاون تي ٿورا مڃون ٿا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪيترن ئي اهم پروگرام?? جي شفافيت سان پڄاڻي لاءِ ڀرپور مدد ڪئي آهي ۽ ترقي جي لاءِ اسا?? جي حصيدار رهي آهي. بريس پروگرام ??ماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدم?? جي معاونت جي سلسلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پاڪستا?? جي مدد لاءِ هي اهم پروگرام ??سا?? جي معيشت جي استحڪام ۽ مستقبل جي ضرورت?? جي حوالي سان به ڪارائتو ثابت ٿيندو. ناڻي واري وف??قي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پروگرام کي جاري ڪرڻ تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته موجوده حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ انهن معاشي مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جيڪي اڳوڻي حڪومت پاران ورثي ۾ مليا آهن. ملڪ کي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ قدرتي آفت درپيش آهي، ٻوڏ سا?? ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 32.4 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو لڳايو ويو آهي، حڪومت اڪيلي ان مشڪل صورتحال کي منهن نه ٿي ڏئي سگهي، متاثرين ۾ 70 ارب رپي?? جي روڪ امداد جي ورڇ جاري آهي. اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير سردار اياز صادق به پروگرام ??ي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته وف??قي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٻوڏ متاثري?? جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي اي ڊي بي جي وائيس پريزيڊنٽ چيو ته بريس پروگرام 1.5 ارب ڊالر جو پروگرام ??هي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ متاثري?? جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.