سکر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سکر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، گذريل ڏينهن س??ر، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيرو?? ۾ ??شميري ڀائرن سان ي??جهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز مهدي مالوف جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، ڪشميري ڀائرن سان ي??جهتي جي سلسلي ۾ نوشهروفيروز ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر احسان الله يوسفزئي کانسواءِ سمورن کاتن جي آفيسرن ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ريلي جي پچاڻي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهدي مالوف چيو ته سڄي دنيا ۾ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ڪشميري ڀائرن سان ي??جهتي جو اظهار ڪرڻ آهي، اسان ڪشميرين تي ٿيل ظل?? ۽ ??اڍ جي مذمت ڪريون ٿا، اڄوڪي ڏينهن اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي.